دائود عليه السلام

دائود عليه السلام: الله تعاليٰ جو مقبول نبي حضرت دائود عليه السلام، بني اسرائيل جي هدايت ۽ رهنمائيءَ لاءِ موڪليو ويو. سندس نسب جو سلسلو يارهين پُشت ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام سان وڃي ملي ٿو. حضرت دائود عه جو پٽ حضرت سليمان پڻ اولوالعزم نبي هو. حضرت دائود عليه السلام تي آسماني ڪتاب زبور نازل ٿيو. قرآن مجيد جي نوَن سورتن ۾ 16 هنڌن تي سندس ذڪر آيو آهي. الله تعاليٰ پهاڙن ۽ پکين کي سندس تابع ڪيو هو، جيڪي صبح ۽ شام ان سان گڏ الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا ڪندا هئا (سبا: 10، ص: 17 کان 19). الله تعاليٰ حضرت دائود عه ۽ سندس پٽ حضرت سليمان عليه السلام کي پکين جي ٻولين جو علم ۽ سمجهه عطا ڪئي هئي (النمل: 17). الله تعاليٰ حضرت دائود عليه السلام لاءِ لوهه کي ميڻ وانگر نرم ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو لوهه کي موڙي سگهندو هو (سبا: 10). الله تعاليٰ کيس زرهن ٺاهڻ جو فن عطا ڪيو هو، جيڪي هو پنهنجي هٿن سان ٺاهي، روزگار ڪندو هو (الانبياء: 80، سبا: 10). قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته، ”اسان ان کي اهڙو لباس (زرهه) ٺاهڻ جو فن عطا ڪيو، جيڪو توهان کي سخت جنگ جي وقت محفوظ رکي ٿو.“ (الانبياء: 80، الڪشاف: 128). ”اسان ان جي بادشاهي کي مضبوط ڪيو ۽ ان کي زمين جي خلافت ڏئي ماڻهن ۾ عدل ۽ انصاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو.“ (ص: 25). الله تعاليٰ ان کي نبوت جو عهدو، خطابت جي وضاحت ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي قوت بخشي هئي. (ص: 19). الله تعاليٰ ’زبور‘ حضرت دائود عليه السلام تي نازل ڪيو (النساء: 163، بني اسرائيل: 53) زهد ۽ عبادت ۾ الله تعاليٰ کيس استقلال ۽ يڪسوئي بخشي هئي، جو هو اڌ رات تائين آرام ڪندو هو ۽ رات جو چوٿون حصو عبادت ۾ گذاريندو هو ۽ هر ٻئي ڏينهن روزو رکندو هو. قرآن مجيد ۾ حضرت دائود عه جي زندگيءَ جا ڪيترائي واقعا بيان ٿيل آهن. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا).


لفظ دائود عليه السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو